اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي مذمت ڪندي لڳاپيل ??دارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم ??ڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم آفيس جي جاري ڪيل ??يان موجب وزيراعظم چيو آهي ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف شر ڦهلائيندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبابندي جو نتيجو آهي، 09 مئي جي منصوبابندي ڪندڙ، سهولت ڪار ۽ هينڊلرز کي پيغام آهي ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هرسازش کي ناڪام بڻايو ويندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي مهم هلائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته شهيدن خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙ جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لڳاپيل ??دارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ڏيهه ۽ پرڏيهه قانوني قدم ??ڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي نه آهي اها صرف سازش آهي جنهن کي روڪڻ قانوني فرض آهي، قوم ان سازش کي ناڪام بڻائيندي جهڙي ريت 09 مئي واري ملڪ کي گهرو ويڙه جو شڪار ڪرڻ جي سازش کي بڻايو هو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجي فوج ۽ ان جي سربراه سان گڏ آهي.