اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پر??گر??م تحت نو??وانن ۽ عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ ۽ زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قدمن تحت 9 منصوبن لاءِ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل پي ايس ڊي پي مطابق ننڍن قرضن لاءِ وزيراعظم يوٿ پر??گر??م لاءِ 10 ارب رپيا، وزيراعظم يوٿ اسڪلز پر??گر??م لاءِ 5 ارب رپيا ۽ پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ لاءِ 5 ارب ريپا، وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب رپيا، آءِ ٽي اسٽارٽ اپس اينڊ وينچر ڪيپيٽل لاءِ وزيراعظم جي سهڪار وارن قدم لاءِ 5 ارب رپيا، وزيراعظم جي راندين لاءِ قدمن لاءِ 5 ارب رپيا، وزيراعظم انيشيٽو فار گرين ريووليشن لاءِ 5 ارب ريپا، وزيراعظم جو عورتن کي بااختي??ر بڻائڻ وارن قدم لاءِ 5 ارب رپيا، ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي قومي پيداوار لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.