اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي ??فسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي ??ربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخ?? جيڪو مسلسل رياستي اد??رن جي ??لاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ??رغيب ڏئ?? عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگ??رن تي حملا ڪرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران نيازي جي ??ڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.