اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف يوم تڪريم شهدا جي سلسلي ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. هن گوجر خان ۾ ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ??يڊ??ا سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته شهيد جو جيڪو موت آهي ا??ا قوم جي حيات آهي. هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن کي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، اڄ اسان جي آزاد ماحول ۾ زندگي گذارڻ جي پويان لکين شهيدن جون قربانيون شامل آهن، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي پويان ن??پا?? مقصد هئا، انهن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي قا??ون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته قوم جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، ??سان جي سرزمين شهيدن ۽ غازين جي سرزمين آهي.