اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ڪندڙن کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست تي حملي ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي، قومي ع??امتن جي بي حرمتي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئين ۽ ق??نو?? پائمال ڪري قومي ع??امتن جي بي حرمتي آمريڪا ۾ ٿئي، برطانيا يا پاڪستان ۾، ان کي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان?? هٿياربند جٿن جي وڪيلن ۽ ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو آهي.