اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آه?? ته ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آه??، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آه??. پنهنجي بيان ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سالن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آه??. هن پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آه??. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سال دوران ميڊيا جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آه??. هن چيو ته الله جو شڪر آه?? فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پاڪستان کي ملي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آه??. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آه?? ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آه??. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آه?? ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آه??، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آه??. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ويو، ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سال ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر جي چار سالا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ويو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سال دوران پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.