اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪ??پني کي فوتي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي ڊيٿ انشورنس ڪ??يم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. انشورنس ڪ??پني فوت ٿي ويل مڙس پاران ڄاڻي واڻي بيماري لڪائڻ جي عذر تي بيواهه کي انشورنس ڪ??يم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهو فيصلو شڪايت ڪندڙ شهناز اختر پاران وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي ??لا?? داخل ڪيل اپيل کي قبول ڪندي ڏنو جنهن تحت ان ڪيس کي ان بنياد تي بند ڪري اڪلايو ويو هو ته بيواهه کي ان جي مرحوم مڙس جي اڪائونٽ مان ڏيڍ لک رپين جي ڪٽوتي ڪيل پريميئم جي رقم واپس ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ته معاملو همدرديءَ جي بنياد تي طئ?? ٿيو هو، اهڙي طرح ڪمپني ??وت بيمي جي دعويٰ جي ادائيگي جي ذميوار ناهي رهي. وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي ??لا?? شڪايت ڪندڙ صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. پنهنجي فيصلي ۾ صدر قرار ڏنو ته انشورنس ڪ??پني ??وت جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فوتي لاڏاڻو ڪري وڃڻ کان هڪ سال اڳ کان ذيابيطس ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو پر سرٽيفڪيٽ ۾ اهڙو ڪو مدو نه ٻڌايو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انشورنس ڪ??پني لاهور جي هڪ اسپتال پاران 2917ع ۾ جاري ڪيل ايڊميشن چارٽر تي دارومدار ڪري رهي هئي جڏهن ته پاليسي سال 2015ع ۾ جاري ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح اهو انشورنس جي مدي بابت نه هو. هن سال 2009ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي زندگي ۾ محتاط رهي ڏهاڪن تائين زندهه ره?? ٿي ۽ اهڙي بيمارين کي لڪائڻ دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته انشورنس ڪ??پني وٽ اهڙي طرح جي ناقص بنيادن تي انشورنس ڪ??يم کي رد ڪرڻ جو جواز نه آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪ??پني پاران بدانتظام?? ٿي، ان لاءِ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر انشورنس ڪ??پني کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اها صدر جي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر شڪايت ڪندڙ کي انشورنس ڪ??يم ادا ڪري.