اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2023ع جي منظوري تي سڄي ملڪ جي وڪيل برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته وڪيل برادري سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته هڪ مهينو اڳ وڪيلن مون سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مون انهن سان اهو قانون جلد منظور ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. وز??راعظم چيو ته وڪيلن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، انهن جو تحفظ ۽ ڀ??ائي اسان جي اولين ترجيح آهي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا م??مب?? ساراهه لائق آهن جن هڪ نئين تاريخ لکي آهي، سڀني جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ وڪيلن جي پنهنجي حقن جي حوالي سان اُها اڳڀرائي نه ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. وڪيل برادري جي وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.