اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ميمبر ايگريمينٽ (ٽ??فا) ڪائونسل جو نائون اجلاس هن وقت واشنگٽن ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٽ??فا ڪائونسل جي اجلاس جي گڏيل صدارت وفاقي وارو وزير سيد نويد قمر ۽ آمريڪي واپاري نمائندو ڪيٿرين تائي ڪئي. ٽ??فا ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ آمريڪي مارڪيٽ تائين پاڪستاني برآمدات جي پهچ جي ڳولا به شامل آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ ڌريون واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي تعاون ۾ گذريل سال ٿيندڙ ٽ??فا انٽر سيشن اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي طريقي سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. هن چيو ته اڄ جو ٽ??فا ڪائونسل جو اجلاس هن سال آمريڪا سان اعليٰ سطحي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ترجمان چيو ته اهو تعاون جي وسيع البنياد ٻطرفي ايجنڊا ک?? اڳتي وڌائڻ ?? مثبت رفتار وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين واڳيل اهميت جي نشاندهي ڪري ٿو. آمريڪا پاڪستان ٽ??فا ڪائونسل جو آخري اجلاس 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.