پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ??ئي. ايل آر ??يڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبا??ي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ??يڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ??ئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين ط??ي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.