اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چينل 24 نيوز جي رپورٽر سان عوامي مسلم ليگ جي صدر شيخ رشيد احمد جي بدتميزي جي و??قع?? جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جڏهن انهن وٽ سوال ??و جواب ناهي هوندو ته اهي صحافين تي حملي آور ٿين ٿا، پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين جي تاريخ آهي ته انهن سدائين صحافين ۽ صحافت جو گلو دٻائڻ جي ڪا به ڪوشش هٿ مان وڃڻ ناهي ڏني. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد ڄاڻي وٺي ته اڄ هو جتي بيٺل آهي ان ۾ صحافين ۽ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان صحافين سان اهڙي قسم جي رويي جي مذمت ڪريون ٿا، شيخ رشيد کي پنهنجي ان رويي تي معافي وٺڻ گهرجي.