ا??لا?? آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي شاندار لفظن ۾ خ??اج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پار??ن جاري بيان موجب صدر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خ??ن جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد ??لي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي لاءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي لاءِ ج??ن جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي ??لا?? عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.