اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪس??ان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريب?? جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪس??ان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن ??و اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، ا??صاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انه?? جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ا?? جي سڀني شڪلي?? جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪس??ان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حق?? جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضافي جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪس??ان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي تحفظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلي?? جي ڪري پاڪس??ان جهڙي اسرندڙ ملڪ?? جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين ??و احساس ڪرڻو پوندو. پاڪس??ان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪس??ان مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.