اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽت??ئي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب صدر سزائن ۾ گهٽت??ئي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽت??ئي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا ياف??ه قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي سزائن ۾ گهٽت??ئي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽت??ئي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پڌر??ئي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽت??ئي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽت??ئي لاڳو هوندي.