نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، متاثرين کي فوري طور تي 25، 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪئ??پ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ??زيراعظم ڪئ??پ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئ?? جنهن تي ??زيراعظم فوري طور تي کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏجي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي ??زيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.