اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏي?? قومن جي ريزيڊنٽ ڪو??رڊ??نيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏي?? قومن جي پائيدار ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏي?? قومن جي پاڪستان سان ڪم ۽ تعاون جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏي?? قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، موسمياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ پاڪستان گڏي?? قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏي?? قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏي?? قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏي?? قومن جي ريزيڊنٽ ڪو??رڊ??نيٽر وزيراعظم کي گڏي?? قومن جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن ۾ گڏي?? قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پاڪستان ۾ گڏي?? قومن جي ريزيڊنٽ ڪو??رڊ??نيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏي?? قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏي?? قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏي?? قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي ??قي??ي بڻائي رهيو آهي.