اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر روانو ٿي وي??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم سنڌ جي صوبي سکر، روهڙي، خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. بع?? ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا.