فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي لاءِ عالم سڳورن تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪ??و تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حالتن ?? سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو پو??دو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري فيصل آباد ۾ سدا سلامت پاڪستان ??يامت تائين پاڪستان ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو حقيقي مقصد اسلام جي اصول ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پاڪستان ??ظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان ??اءِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻه قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان ??ه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پوري قوم پاڪستانين جي بانين جي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي.