چڪوال – 10 – آگ??ٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي ا??تظاميا ٽن ڏينهن جي شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون اهي تقريبون 12 کان 14 آگ??ٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن جي شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگ??ٽ کان مسجدن ۾ فجر جي ??ما?? کانپ??ءِ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگ??ٽ تي جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي روينيو تنوير مرتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عباس ۽ ضلعي ا??تظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي ??ما??ندن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي روينيو تنوير مرتضيٰ چيو ته پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگ??ٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران تصويري ??ما??ش، جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن جي سجاوٽ ڪئي ويندي. 13 آگ??ٽ تي رات 9 وڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن آزادي مشاعرو پڻ منعقد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگ??ٽ تي ئي صبح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چو?? تائين آزادي ڏهاڙو ريلي منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگ??ٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي روينيو چيو ته 14 آگ??ٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي صبح ضلعي ا??تظاميا جي ا??تمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي منعقد ڪئي ويندي.