ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آه?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ??ي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آه??، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ??ائمالين جو سلسلو جاري آه??. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آه??. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آه?? جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آه??. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آه?? ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آه??. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آه??. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي آه??. الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.