اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??ڪس??ان کي مستقبل ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي جاگرافيائي مقام کي استعمال ڪري بهترين موقعا ڳولڻا پوندا، پ??ڪس??ان اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبدليون سڌيون اثرانداز ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽري??جڪ اسٽيڊيز جي 49 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي قوم طور پ??ڪس??ان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻڻو آهي، اسان جا چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جون نيون راهون ??لن??يون، اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي اسان وٽ صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته پ??ڪس??ان ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پ??ڪس??ان هاڻي به عالمي طاقتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ماڻهن ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو دنيا ۾ ڪٿي به ڪم ڪري سگهن ٿا، ??سان جي پنهنجي نوجوانن لاءِ ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو سڌو سنئون اثر هر پ??ڪس??اني جي زندگي تي پوندو آهي، اسان کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون، نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽري??جڪ اسٽيڊيز جي يوم تاسيس جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي، ڇو ته ان اداري جو بنياد سندس ناني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، هن چيو ته پرڏيهي وزارت انسٽيٽيوٽ سان ويجهو تعاون جاري رکندي جنهن جو مقصد ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي بهتر بڻائڻ آهي، هن چيو ته اسان کي پ??ڪس??ان جي عوام کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاهه رکڻ ۽ پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت سان تڪرارن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي هڪطرفي قدمن جي ذريعي ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته مئي ۾ حد بندي ڪميشن جا قدم ان جي هڪ ڪڙي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي سرگرم آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي اڳواڻن جي تازي ريمارڪس سان سنگين ماحول پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي نظريي کي بالادست بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته پ??ڪس??ان جي موجوده حڪومت کي مسئلا گذريل حڪومت کان ورثي ۾ مليا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.