رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪئي اقتصادي زون جي دوري دوران جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڏني. اج??اس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ڪم??ني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس کي رشڪئي خصوصي اقتصادي زون تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي اقتصادي زون کي پبلڪ پ??ائ??ويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪم??ني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپ??ائ??ز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪم??ني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪم??ني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ان نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪم??ني ان خصوصي اقتصادي زون جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيون نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ڪئي وڃي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪم??ني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪم?? جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ڪم??ني کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪم??نين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪم??نيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خصوصي اقتصادي زون سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪم?? جو جائزو ورتو.