اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اينڪر پرسن جي گرفتاري بابت قياس آرائي شرانگيز پروپيگنڊا مهم جو حصو آهي، شڪ جي بنياد تي پٽيشن ??اخل ڪندڙن کي ثبوت ڏيڻ گهربا هئا، هي عمران واري وحشي حڪومت نه آهي جنهن ۾ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ت?? اسان جو ٽارگيٽ مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ۽ معيشت جي بحالي ۽ ترقي آهي، جمهوري حڪومت عوام جي خدمت لاءِ آئي آهي، انت??ام وٺڻ لاءِ نه، هن يو ته پي ٽي آءِ جو آئين شڪن، ميڊيا ۽ عوام د??من ٽولو فيڪ نيوز نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، چار سال چ??نل?? ڪالم، پروگرام بند ڪرڻ، صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ واري آئينو ڏسن، هن چيو ته بي روزگار ٽولي وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، آئين شڪن سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ رد عمل جي سياست تي پساهه کڻي رهيا آهن، مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙا ڪوڙ نه ڳالهائين ته پوءِ سياسي طور تي زنده ڪيئن رهن؟.