اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين عالمي سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙن عملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي ه??ايت جاري ڪري ڇڏي. قانون واري وزارت جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ ??طلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??ڪم جاري ڪيا. اها ڪميشن عالمي سازش جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. قانون واري وفاقي وزير اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ درجنين ليگل آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمورن آفيسرن کي پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ سرانجام ??يڻ جي ه??ايت پڻ ڪئي.