اسلام آباد ??? 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونس?? جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفد?? جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونس?? جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونس?? جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسا?? جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونس?? جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفد?? جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.