اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پ??رٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن ??ي بدلي وفادار??ون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد ح??ين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفادار??ون معاشي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيا?? هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجاز?? هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.