اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد پارلياماني ليڊر نو??بزاده خالد مگسي سان گڏجي ملاقات ڪئي. وفد ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر روبينه عرفان، سرار اسرار ترين ۽ مير احسان ريڪي شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي، اسد عمر ۽ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هئا.