اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته روسي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود ??هن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته روسي و??پا??ي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود ??هن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته روس توانائي جي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آه??، چاهيون ٿا ته روس پاڪستان ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزير??عظ?? عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي ??هن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.