اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن وفاقي گ??دي واري شهر اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج قرض پروگرام جاري ڪندو. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ڪامياب پاڪستان پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ ??زي??اعظم جي ويزن جو حصو آهي جنهن ۾ نوجوانن، عورتن، آبادگارن، گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ ٻن سالن ۾ ڪل 407 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويندا. ان مدي ۾ حڪومت 56 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام جو بني??دي مقصد هيٺئين طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ ۽ معاشي واڌويجهه کي فروغ ڏيڻ آهي. تقريب فيصل مسجد اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. ??زي??اعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.