اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳ??ڻي اسپنر شين وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجها??ي جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ ک?? نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين وارن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ جينيئس با??ول?? هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ ک?? نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽ??سٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.