اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سان تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ سندس والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي ج??ت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.