اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ڪو??ت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي، ??ڪو??ت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صحافي ??را??ري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، ??لي??ان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شي??از حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته صحافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي ??ڪو??ت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??دي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪ??دي رهندي.