اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي ??وق?? جي حمايت جاري رکندو، آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي ??وق?? جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير جي ر??ائشگاهه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪن??ي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪن??ڙن کي خطاب ڪن??ي چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ??لڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪن??ي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو م??اهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي ??وق?? جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربائيجان جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪن??و رهيو آهي، هن چيو ته آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي ??وق?? جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائيجان ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي ??وق?? جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو م??الي تعاون جاري ر??ندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائيجان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.