دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي ??ياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي ??ياستن تي ان باري ۾ زور ڏي??دا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي ??اشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي ??ياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عمل??ار?? سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪ??هن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.