اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آ??ي. ??نهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪا?? جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آ??ي. ??زيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمي?? جي پوليس سيد علي گيلاني جي تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.