لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت پنجاب آب پاڪ ا??ار??ي جي 1500 کان وڌيڪ جاري منصوبن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي لاءِ يورپي پارليامينٽ ميمبرن س??ن رابطن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن سميت ٻين معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ توسيع جي معاملي تي آئون يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر فابيو سميت ٻين پارليامينٽ ميمبرن س??ن مڪمل رابطي ۾ آهيان ۽ جلد يورپي پارليامينٽ جو دورو پڻ ڪري رهيو آهيان جنهن جي لاءِ حڪمت عملي جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پنجاب آب پاڪ ا??ار??ي جي لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 1500 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي ذريعي اٽڪل 8 ملين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاني ملندو ۽ اهي سمورا منصوبا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن منصوبن ۾ شفافيت کي ??ئو سيڪڙو يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ انهن منصوبن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي فرق نه ڪيو ويو. چوڌري محمد سرور وزيراعظم عمران خان کي وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي سمورين يونيورسٽين ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جي معاملن جي فائيلز جي عمل کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ پاڻ بطور يونيورسٽيز چانسلر سمورن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ الحمدالله اڄ پنجاب جي يونيورسٽين جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي پنجاب آب پاڪ ا??ار??ي جي منصوبن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي ??حت ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن جي لاءِ سمورا حڪومتي وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري پاڪستان معاشي طور تي پڻ مضبوط ٿي رهيو آهي.