اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن، اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپار ۾ آسانين سان خطو ترقي ڪندو، اي سي او ملڪن جي 45 ڪروڙ عوام جي خطي کي گڏجي ٺ??س ڪري ڇڏيون ته ??هو پاور هائوس بڻجي ويندو، افغ??نس??ان ۾ عدم استحڪام ۽ انتشار سان پ??رو خطو متاثر ٿيندو، اتحادي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا، اي سي او ملڪن کي افغ??نس??ان ۾ امن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، انهن ٻنهي خطن ۾ انصاف نه ٿيڻ سان ماڻهن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ته خطا ۽ پوري دنيا کي خطرو لاحق هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اي سي او پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.