اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني ??سيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، ??سد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني ??عاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني ??عاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.