اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي ل??ءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا مو??عا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لا?? ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي ل??ءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شعبي جي ل??ءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال ??ي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شعبي جي ل??ءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوبن سان روزگار جا اڍائي لک مو??عا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انهن منصوبن سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي ل??ءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن ل??ءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.