اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سا?? تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله ربا?? ڪاظمي ان موقعي ت?? خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي ت?? اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ا?? تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله ربا?? ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.