اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ج?? ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه نه آهي، اس??ن ج?? مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن ج?? حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن ج?? لاءِ حڪومت مخالف ڌر سان ??الهين ج?? لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخالف ڌر پارٽين ج?? بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽين ج?? جلسن ۽ جلوسن سان ??هٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ??ن ٿا جنهن ج?? جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.