اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيني?? چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون، سيني?? چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌ??ر بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.