اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مل?? ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو مل?? آهي، مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا ??با جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين مل??ن جي مقابلي ۾ ڪورونا ??با کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا ??با ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته واپاري پنهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي مصنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اي??ڊ انڊسٽري اها نمائش من??قد ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته واپارين جي ٻاهرئين مل?? سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف مل?? ۾ پاڪستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف مل??ن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌ??ان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي مل?? هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌ??ان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو مل?? آهي.