اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر ??عواڻ چيو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ به ملڪ ۾ آئيني ترميمون ڪيون ويون، ڪنهن جي خواهش تي احتساب جو عمل ب??د نه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ان حوالي سان جائز قانونسازي جي لاءِ حڪومت جا دروازا سدائين کليل رهندا، ??ڏهن به ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان صورتحال ب??تر ٿي ۽ ماڻهن جي صحت ۽ سلامتي کي خطرو نه رهيو ته سموري التوا ۾ پيل قانونسازي غور هيـٺ آندي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر بابر ??عواڻ چيو ته منهنجي چيمبر ۾ سرڪاري عملو تجويزون نوٽ ڪري رهيو آهي. اسد عمر انهن سمورين تجويزن جو جائزو وٺي حتمي شڪل ڏيندو.