اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن ا??ان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي رياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون ا??ڪيمون ميرٽ ۽ ش??اف??ت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستان جو بهترين ٽ??لي??ٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي م??قعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ا??ڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.