اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهه حمد بن عيسيٰ بن سلم??ن آل خليفه جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جو بح??ين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي نئين دور جو آغاز آهي، وزيراعظم عمران خان جي بح??ين جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اعزازي مهمان طور شرڪت ۽ اعليٰ ترين سول ايوارڊ جو اعزاز دنيا ۽ خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ وقار ۽ اهميت جو آئينو آهي.