اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آم??يڪ?? پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي حوالي سان اهم م??ڪ آهي.هن اها ڳالهه آم??يڪ?? ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ آم??يڪ?? جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آم??يڪ?? وچ ۾ ڀائيواريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آم??يڪ?? پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير ۽ سفير ??قت??ادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عز?? ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آ??ي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آ??ي. ناڻي واري وزير آم??يڪ?? ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آم??يڪ?? ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪاري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.