اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته افغانستان هلندڙ سال دوران سفارتي پهچ جي ايجنڊا ۾ هڪ ترجيح رهيو، افغانستان سان اسان جي مصروفيتن ۾ واپاري رابطن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي ترجيح ڏني وئي، سال دوران افغانستان سان سرحد تي ڪ??هه واقعا ٿيا آهن. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهر?? بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن تي پاڪستان جي وڏي ڳڻتي اسان جي ٻطرفي ايجنڊا ۾ سرفهرست رهي. هن چيو ته اسان ترجيحي معاملن تي افغان عملدارن سان رابطي ۾ آهيون ۽ واپار، ٽرانزٽ ٽريڊ، سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ۾ تعاون کي وڌائڻ چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف جي مضبوطي سان پيروي جي طور تي افغانستان ۾ امن ??ي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميٽنگز ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي جن جو مق??د نومبر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ ماسڪو فارميٽ ڳالهه ٻولهه ۽ چين، ايران جي پرڏيهي وزيرن جي ٽئين چار ڌريي اجلاس ۾ شرڪت شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وزيرن افغانستان جي قومي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، جولاءِ ۾ قازقستان جي شهر آستانه ۾ پهرين پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي سربراهي ڪ??نفرنس منعقد ٿي. ترجمان چيو ته آذربائيجان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان سان اعليٰ سطحي مصروفيتن دوران توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر ۾ علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهم مفاهمت طئي ٿيون جڏهن ته اي س?? او جي ڏس ۾ انهن ملڪن سان اسان جو تعاون پڻ جاري رهندو.