اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺه??اء?? جي ا??فاق ??اء?? سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار ٺه??اء?? پيش ڪيو. ٺه??اء?? ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي ا??لاس م انسانيت خلاف اسرائيلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ت?? ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺه??اء?? ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اسرائيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺه??اء?? پاڪستاني عوام جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ٺه??اء?? م چيو ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، اسرائيل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه ??ي شهرين کي دوائن،خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون اسرائيلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوان ٺه??اء?? جي ا??فاق ??اء?? سان منظوري ڏئي ڇڏي.