بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهو??ت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ساڻس وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم و??د کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت ٻڌايو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروبار دوست ۽ سيڙپڪاري ۾ سهو??ت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ۽ نجي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ فانگ يو لونگ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايسٽ سي گروپ گوادر فري زو?? ۾ ??يفائنري ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. نگران وزيراعظم ايسٽ سي گروپ کي پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ گوادر کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو قرار ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن ۽ چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.